نيٽو فورسز جي هوائي حملي ۾ ڏه طالبان مارجي ويا، نيٽو فوج مان ڪنهن کي به نقصان نه پهتو

وڪي اخبار کان

29 ڊسمبر 2006

افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته انهن هيلي ڪاپٽر جي مدد سان هڪ هوائي حملي ۾ ڏه طالبان کي ماري ڇڏيو آهي.

چيو ويو آهي ته ان حملي ۾ نيٽو فوج کي ڪنهن به قسم جو ڪوبه نقصان نه پهتو آهي.

خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان کان ڪجهه وقت اڳ ملا عمر پشتو ۾ پنهنجو عيد جو پيغام جاري ڪيو هو جنهن ۾ اهو پڻ ڄاڻايو هئائين ته ڌاري فوج کي ڪنهن به صورت ۾ افغانستان مان ڪڍيو ويندو.

ذريعا