مواد ڏانھن هلو

نيٽو ڪمانڊر جي پاڪستاني صدر سان ملاقات جو ڳجهه پڌرو، آءِ ايس آءِ طالبان کي سکيا ڏيڻ بند ڪري

وڪي اخبار کان

جيتوڻيڪ چيو ويو هو ته نيٽو ڪمانڊر جي پاڪستاني صدر سان ملاقات هڪ عام ملاقات آهي، پر ذريعن دعوا ڪئي آهي ته ان ڪمانڊر صدر تي زور ڀريو هو ته پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ کان طالبان کي ملندڙ سکيا کي بند ڪرايو وڃي.

ملاقات ۾ اها گهر پڻ ڪئي وئي هئي ته اهم طالبان اڳواڻ جيڪي پاڪستان جي علائقن ۾ رهن پيا انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ اتحادين جي ناڪامي پويان آءِ ايس آءِ جا هٿ آهن جيڪي مسلسل طالبان کي سکيا ڏئي رهيا آهن.

ياد رهي ته برطانيه جي ڊيوڊ رچرڊ پاڪستان جي صدر سان 9 آڪٽوبر تي ملاقات ڪئي هئي ۽ پريس جي سامهون اهو واضع ڪيو هو ته طالبان جون ڪاروايون پاڪستاني علائقن وٽان ٿي رهيون آهن.

ذريعا