مواد ڏانھن هلو

نيٽو ڪمانڊر پاڪستان جي دوري وقت ثبوت طور وڊيو ٽيپ ۽ فوٽو کڻي ايندو، نيٽو پاران ترديد

وڪي اخبار کان

نيٽو ڪمانڊر جي پاڪستان دوري وقت اهي ڳالهيون سامهون آيون آهن ته مذڪوره ڪمانڊر پاڪستان جي صدر کي ملاقات وقت طالبان بابت وڊيو ٽيپ، فوٽو ۽ ڪاغذ وغيره ڏيکاريندو جنهن مان ثابت ٿيندو ته پاڪستان طالبان کي همٿائي رهيو آهي. جڏهن ته نيٽو ذريعن ميڊيا تي آيل اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي.

نيٽو ذريعن مطابق ڪمانڊر جو اهو دورو صدر مشرف سان وچڙڻ ڦٽائڻ وارو مامرو نه پر روٽين جو دورو آهي جنهن ۾ طالبان ۽ افغانستان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. خبرن مطابق نيٽو پنهنجي جاسوسي ۾ ڄاڻي ورتو آهي ته مُلا عمر ڪجهه وقت اڳ ڪوئٽه ۾ موجود هو.

نيٽو جي ذريعن مطابق کين ”ميڊسا“ ويڙهه دوران ڪيترن ئي زخمي طالبان کي پاڪستان جي حدن اندر داخل ٿيڻ جون شاهديون مليون. گذريل مهيني صدر مشرف پاڻ مڃي چڪو آهي ته طالبان طرفان ڪجهه حملا پاڪستان وٽان ڪيا ويا آهن. پر هن آءِ ايس آءِ جي حاضر سروس مان ڪنهن جي ملوث هجڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ڪي ريٽائر آفيسر ملوث هجن.

صدر جي ان ڳالهه جي حوالي سان جنرل حميد گل جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ مان ڪير به ملوث نه آهي اها ڳالهه چوڻ ئي بيوقوفي آهي.

ذريعا