هالا ۾ پرڏيهي بزرگ جو عرس شروع

وڪي اخبار کان

هالا ۾ بزرگ پرڏيهي فقير جو ساليانو عرس شروع: زبير زرار منگي..

هالا ڀرسان بزرگ پرڏيهي فقير جي ٽن ڏينهن واري سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهي.

سعيد خان لغاري ۾ بزرگ پرڏيهي فقير جي ٽن ڏينهن واري سالياني عرس جي موقعي تي درگاهه جي متولي انجنيئر غلام عباس لغاري درگاهه تي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو.

ميلي جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون، جڏهن ته چوٿون ڏينهن عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. ميلي جا ٽئي ڏينهن راڳ رنگ ۽ ملاکڙو ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا پهلوان ۽ فنڪار حصو وٺندا، جڏهن ته آخري ڏينهن تي اسٽيج ڊرامون منعقد ڪيو ويندو.