هر انسان جي ڊي اين اي ۾ ڏه سيڪڙو فرق آهي، هڪجهڙائي واري مفروضي تي شڪ ظاهر

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

هر انسان جي ڊي اين اي ۾ ڏه سيڪڙو فرق هوندو آهي. جڏهن ته عام طور اهو سمجهيو پئي ويو ته هر انسان جي ڊي اين اي ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي.

ذريعن مطابق چيو ويو آهي ته هن نئين کوجنا سان ”انساني وراثتي ڪتاب“ جي ڪيترن ئي صفحن ۽ بابن جي گمشدگي بابت پتو پيو آهي. مطلب ته انساني ڊي اين اي جو پراڻو مفروضو جنهن ۾ چيو پئي ويو ته انساني ڊي اين اي ۾ نوانوي سيڪڙو کان مٿي هڪجهڙائي آهي شڪ جو شڪار ٿي ويو آهي.

وراثتي مواد کي چڱي طرح سمجهڻ سان ئي بيمارين کي سمجهي سگهجي ٿو. ان سان اهو سمجهڻ ۾ پڻ مدد ملندي ته هڪڙن کي بيماري لڳي ويندي آهي ته ٻين کي ساڳي انداز سان ڇو ڇو نه لڳندي آهي.

دنيا جا ڪيترائي سائنسي سينٽر اهو سمجهڻ جي کوجنا ڪري رهيا آهن ته 3 هزار سڃاتل جينز (وراثت جا جز) ڪيئن تبديل ٿين ٿا.

ذريعا