هر قيمت تي جپان جو تحفظ ڪنداسين، آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ ڪنڊو ليزا رائز

وڪي اخبار کان

آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ ڪنڊو ليزا رائز چيو آهي ته هر قيمت تي جپان جو تحفظ ڪيو ويندو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته جپان جي دفاع لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي ويندي.

ياد رهي ته ڏکڻ ڪوريا طرفان زير زمين ڪيل ان ايٽمي ڌماڪي کان پوءِ جپان کي سلامتيءَ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي.

ٽوڪيو ۾ ڳالهائيندي رائز چيو آهي ته واشنگٽن جي ايٽمي طاقت انهن سمورن ملڪن لاءِ هوندي جن کي ڏکڻ ڪوريا مان خطرو آهي.

ذريعا