هزارين طالبان حامين جي ريلي، آمريڪا خلاف جهاد جاري رکڻ جو عزم

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني قبائلي علائقي ۾ هزارين طالبان حامي قبائلين آمريڪا خلاف هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته آمريڪا خلاف جهاد جاري رهندو.

احتجاجي جلسي ۾ قبائلين چيو ته اسان مجاهد آهيون. اسان پاڪستان جي فوجن يا اتحادي فوجن کان نٿا ڊڄون. جيڪو به آمريڪا جو ساٿاري آهي اهو اسان جو دشمن آهي.

ذريعا