هندستاني رياست بنگال ۾ بم ڌماڪا، 12 ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

20 نومبر 2006

هندستاني رياست اولهه بنگال ۾ ٻن بم ڌماڪن سبب 12 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. بي بي سي ريڊيو جي خبرن مطابق اهي ڌماڪا ٽرين ۾ ٿيا.

پوليس مطابق ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي جنهنڪري فوتين جي انگ وڌڻ جو خدشو آهي. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي چيو ويو آهي ته اها ٽرين ڪلڪتا وڃي رهي هئي.

ڪنهن به گروپ يا تنظيم انهن ڌماڪن جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. خفيه ايجنسين جي نظر ۾ اهي ڌماڪا عليحدگي پسند تنظيمن جي ڪاروائي ٿي سگهن ٿا.

ذريعا