هٿيارن بجاءِ پئسو عورتن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجي، نوبل انعام يافته ايراني عورت شيرين

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

2003ع ۾ امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ ايراني عورت شيرين عبادي چيو آهي ته نيوڪليئر ملڪن کي پئسو هٿيارن بجاءِ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي.

نيودهلي ۾ ترجمه نگار جي مدد سان نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڪثر ٻڌبو آهي ته عورتن جي ڀلائي لاءِ فنڊن جي کوٽ آهي پر ڏسبو ته اهي ئي ملڪ هٿيارن جي خريداري تي پئسو خرچ ڪن ٿا.

شيرين عبادي جو چوڻ هو ته انڊيا، پاڪستان، آمريڪا، ايران يا اسرائيل کي ايٽم بم جي ڪابه ضرورت نه آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عورتون ضرورتن تحت پنهنجي جسم کي ارپڻ ڪن ٿيون. اهو جسماني وڪرو مجبورين سبب ٿئي ٿو.

ذريعا