هٿيارن جي خاتمي جو عالمي هفتو

وڪي اخبار کان

هٿيارن جي خاتمي جو عالمي هفتو....رپورٽ: زبير زرار منگي


پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾24 کان 30 آڪٽوبر تائين هٿيارن جي خاتمي جو هفتو ملهايو پيو وڃي،گڏيل قومن جي اداري آءِ اي اي اي پاران 1952 ۾ ويانا ۾ گهرايل امن ڪانفرنس جي روشني ۾ گڏيل قومن پاران 1978 ۾ دنيا مان خطرناڪ هٿيارن جي خاتمي لاءِ قرارداد پاس ڪئي وئي. تاريخ تي نظر وجهبي ته انسان هٿيار جي شروعات پٿر سان ڪئي، جنهن بعد معاشرو تبديل ٿي ويو ۽ انسان پنهنجي دفاع لاءِ ڌات جو استعمال شروع ڪيو، جنهن بعد تير، ڪمان نيزن ۽ ڀالن جو دور شروع ٿيو.1350 ع ۾ چين پاران بندوق ايجاد ڪئي وئي، جنهن بعد يورپين 1540 ۾ جديد بندوق ۽ پستول ايجاد ڪيو ۽ پوءِ هٿيارن جي ايجادن جو نئون دور شروع ٿيو ۽ 18 هين صدي ۾ الفريڊ نوبل پاران ڊائنامائيٽ بم ايجاد ڪيو ويو. 28 جولائي 1914 کان 11 نومبر 1918 تائين پهرين مهاڀاري جنگ جاري رهي جنهن ۾ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو ۽ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪروڙين زخمي ٿيا، جنهن بعد 1920 ۾ ليگ آف نيشن جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي وئي، جنهن جٽادار امن لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ۽ 52 ميمبرن ملڪن کي وڌيڪ اسلحي جي تياري تي بندش وڌي. ليگ آف نيشن جي بندش باوجود جرمني ۾ قائم هٽلر جي حڪومت ڳجهي نموني هٿيارن جي تياري تيز ڪري ڇڏي ۽ نيٺ 1935 ۾ جرمني ليگ آف نيشن کان ڌار ٿيڻ اعلان ڪيو ۽ 3 ڊسمبر 1939 تي جرمني پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو ۽ اهڙي طرح ٻئي مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي وئي. ٻئي مهاڀاري جنگ انسان جي تاريخ ۾ وڏي تباهي آڻيندڙ جنگ هئي، جنهن ۾ بندوقون ۽ رائيفلون گهٽ، پر جهازن ذريعي بنباري ڪئي وئي، جن ۾ حياتياتي، بم ۽ ايٽم بم شامل هئا ۽ جنگ دوران دنيا جي 40 ملڪن حصو ورتو، 80 سيڪڙو آبادي متاثر ٿي ۽ 5 ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪروڙين زخمي ۽ بي گهر ٿيا. جنهن بعد آمريڪا جي مختلف سائنسدانن پاران برطانيا ۽ ڪينيڊا جي تعاون سان ايٽم بم تيار ڪيو، جنهن جو پهريون تجربو جولائي 1945 ۾ نيو ميڪسيڪو جي ٽرنٽي سائيٽ ۾ ڪيو ويو. دنيا جي سموري تاريخ تي پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جو استعمال آمريڪا ٻئي مهاڀاري جنگ دوران 6 آگسٽ 1945 ۾ بي 29 بمبار جهاز ذريعي جاپان جي شهر هيروشيما ۾ لٽل بوائي جي نالي سان ڄاتو ويندڙ يورينيم بم ڪيريو ويو، جنهن سبب 60 هزار ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 9 آگسٽ تي ناگاساڪي تي فيٽ مين جي نالي سان پلوٽينيم بم ڪيرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 1 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ 65 سال گذريڻ باوجود به اڄ انهن شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ آبادي تي ايٽم جا تابڪاري اثر ظاهر اڄ به ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ جسماني ۽ ذهني معذوري سميت ڪيتريون ئي وبائي بيماريون انهن جي پلئي پيل آهي. انسان جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن واقعي جو اڳ ۽ پوءِ به ڪو مثال نه ٿو ملي. 2 ڊسمبر 1945ع ۾ ٻئين مهاڀاري جنگ جو خاتمو ٿيو ۽ 24 آڪٽوبر 1945ع ۾ گڏيل قومن جي نالي سان اداري ڪم شروع ڪيو، گڏيل قومون 6 مکيه حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي امن لاءِ سڪيورٽي ڪائونسل يا سلامتي ڪائونسل نالي سان ادارو جڙيل آهي، جنهن جي ماتحت اداري جو نالو ايٽمي ڪميشن آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ويانا ۾ آهي، ٻئي مهاڀاري جنگ کانپوءِ دنيا ۾ گهرو ويڙهه جي شروعات ٿي، عراق ۾ صدام حسين جي دور اقتدار ۾ سندس ويڳي ڀاءُ علي حسن الماجد عرف ڪيميڪل علي 13 مارچ 1987 کان 23 اپريل 1989 تائين ڪردن خلاف ظالماڻيون ڪارروائيون ڪندو رهيو، مٿس الزام هيو ته هن ڪردن خلاف ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا، جنهن ۾ سندن 2 هزار ڳوٺ تباهه ٿي ويا هئا ۽ 50 هزار ڪردن جو قتل عام ٿيو، جڏهن ته ڪردن جي دعويٰ آهي ته سندن هڪ لک 82 هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. دنيا ۾ ايٽم بم، هائڊروجن بم، نيوٽران، ڪوبالٽ بم، ڊرٽي بم ۽ سوٽ ڪيس بم نالي خطرناڪ هٿيار موجود آهن، جڏهن ته ننڍڙن هٿيارن سميت انفينٽري سپورٽ ويپن، فورٽي فڪيشن ويپن، مائونٽين ويپن، ايئر ڪرافٽ ويپن، نيول ويپن، اسپيس ويپن، بائلاجيڪل ويپن، ڪيميڪل ويپن، انرجي ويپن،ايڪسپلوزين ويپن، ميگنيٽڪ ويپن، نيوڪليئر ويپن، رينجڊ ويپن، سوئيسائيڊ ويپن، ڪلسٽر بم، ليزر گائيڊيڊ ميزائيل، بئليسٽڪ ميزائيل۽ ٻيا خطرناڪ هٿيار موجود آهن، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار رکندڙ ملڪن ۾ روس ۽ آمريڪا شامل آهن، جڏهن ته دنيا ۾ هائيڊروجن بم رکندڙ ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، روس، چين، فرانس ۽ ڀارت شامل آهن. ڀارت 1974 ۾ سمائيلنگ بڌا نالي سان ايٽم بم جو تجربو ڪيو، ۽ 11 مئي 1998 ۾ شڪتي ون ۽ ٽو نالي سان ٻيهر ڌماڪا ڪيا، جنهن بعد پاڪستان 28 مئي 1998 تي چاغي ون جي نالي سان ايٽمي ڌماڪا ڪري ايٽمي قوت طور اڀريو. دنيا ۾ هن وقت 40 هزار ايٽمي هٿيار موجود آهن، جن مان 12هزار 70 آمريڪا، روس وٽ 28 هزار 240، برطانيه وٽ 400 سئو،فرانس وٽ 510، چائنا وٽ 425، انڊيا وٽ 70 ۽ پاڪستان وٽ 15 ايٽمي هٿيار موجود آهن جڏهن ته اسرائيل وٽ 70 کان 300 ايٽمي هٿيار آهن پر هو ان کان هميشا انڪار ڪندو رهيو آهي اين پي ٽي نالي معاهدو 1968 ۾ ڪيو ويو، جيڪو 1970 ۾ وجود ۾ آيو، جنهن تي دنيا جي 189 ميمبرن صحيحون ڪيون آهن، جنهن جو مقصد دنيا ۾ ڳرن هٿيارن جو محدود مقدار ۾ رکڻ آهي. اين ٽي پي ٽي تي ڀارت، پاڪستان، اتر ڪوريا سميت 12 ميمبرن صحيحون نه ڪيون آهن. ايٽمي هٿيارن جي وڌيڪ تجربن کان روڪڻ لاءِ 1996 ۾ سي ٽي بي ٽي معاهدو ڪيو ويو، جنهن ۾ دنيا جي 177 رياستن صحيحون ڪيون 1993 ۾ روس جي صدر بوريس يلستن ۽ آمريڪا جي صدر جارج بش وچ ۾ 6 هزار ايٽمي هٿيار ۽ 16 سئو بيلاسٽڪ ميزائيلن کي تباهه ڪرڻ جو معاهدو ٿيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 24 مئي 2002 ۾ ماسڪو معاهدي ٿيو، جنهن تي امريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن صحيحون ڪيون، معاهدي موجب 31 ڊسمبر 2015 تائين 17 سئو ايٽمي هٿيار ۽ 22 سئو اينٽي بئليسٽڪ ميزائيل ختم ڪيا ويندا هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي دنيا ۾ امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪري خطرناڪ هٿيارن جو خاتمو آندو وڃي ته جيئن دنيا ٽئين مهاڀاري جنگ ڏانهن وڌندڙ قدمن کي هميشا لاءِ نيست و نابوت ڪري سگهجي.