وارثن هٿان ٻن غيرشادي شده نارين جو قتل، گهرن مان فرار ٿيل ناريون ان شرط تي واپس ٿيون ته کين معاف ڪيو ويندو

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

ٽنڊومستي ۾ وارثن پنهنجي ٻن نياڻين کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻن نوجوانن سان فرار ٿي ويون هيون. انهن جي واپسي ان شرط تي ٿي هئي ته انهن کي ڪجهه به نه چيو ويندو.

ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته مذڪوره ماڻهن نوجوانن جي گهرن سميت ٽن گهرن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي.

ٻئي ناريون لالي ڌي مرحوم ڌڻي بخش ڦلپوٽو ۽ ياسيمن ڌي امام بخش ڦلپوٽو ساڳئي ڳوٺ جي ٻن نوجوانن سهراب ۽ راشد علي سان گڏجي فرار ٿيون هيون. برادري جي چڱن مڙسن معرفت انهن نارين کي ان شرط تي وارثن وٽ موٽايو ويو هو ته کين ڪوبه نقصان نه پهچايو ويندو.

ذريعن موجب نارين جي واپسي بعد وارث انهن کي ڳوٺ کان پري وٺي وڃي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاشن کي روهڙي ڪينال ۾ اڇلائي ويا. جنهن کان پوءِ 10 کن هٿياربندن مذڪوره نوجوانن جي گهرن کي باهيون پڻ ڏنيون جن کي وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ گاڏيون پهتيون. هوڏانهن نوجوانن جا وارث گهر خالي ڪري هليا ويا آهن.

ذريعا