والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال

وڪي اخبار کان

والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن... رپورٽ: زبير زرار منگي..


والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت کي 61 سال پورا ٿيڻ تي والاريل ڪشمير ۾ اڄ عام هڙتال ڪئي پئي وڃي ۽ والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن مان حريت اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، وادي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ 5 ڪشمير نوجوان شهيد ٿي ويا آهن. رپورٽن موجب، والاريل ڪشمير جي ڪشتواڙ واري علائقي ۾ ڀارتي فوج گهر گهر تلاشي دوران 5 ڪشميري نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن مير واعظ عمر فاروق، مختار احمد ۽ ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ ياسين ملڪ سوڌو ڪيترن ئي ٻين اڳواڻن کي گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي.