ورلڊ بينڪ ٺٽي ۽ بدين لاءِ ايڪشن پلان جوڙي ورتو

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

ورلڊ بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪويٽو ڊائريڪٽرز سنڌ جي هيٺانهن علائقن خاص طور بدين ۽ ٺٽي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙي ورتو آهي. جنهن جي ذريعي انهن علائقن ۾ حاليه بارشن، بوڏن ۽ ماحوليات بابت ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن لاءِ رٿا جوڙي ويندي.

نئون ايڪشن پلان ان علائقي جي ماڻهن جي دانهن تي جوڙيو ويو آهي. ذريعن موجب اتان جا ماڻهو بينڪ جي جوڙيل پاليسين ۽ رٿائن جو ڪيتو لوڙي رهيا آهن. ورلڊ بينڪ جي صدر پال وولوز چيو ته ايل بي او ڊي ۽ اين ڊي پي مان اسان گهڻو ڪجهه پرايو آهي تنهنڪري مستقبل جي رٿائن بابت سوچي ويچاري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

چيئرپرسن انسپيڪشن پينل ايڊٿ برائون چيو آهي ته اسان غريب ماڻهن جي آواز کي ورنائڻ چاهيون ٿا. اسان ڪوشش ڪنداسين ته ماڻهن کي صحيح طور رٿائن مان لاڀ ملي سگهي.

ذريعا