ورلڊ بينڪ ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپني کي بدعنواني سبب بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، ڪم رولڙي جو شڪار

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

ورلڊ بينڪ ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپني کي بدعنواني جي الزام تحت بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري ڀاشا ڊيم تي ٿيندڙ ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

جرمن ڪنٽريڪٽر نالي ان ڪمپني تي رشوت ۽ بدعنواني جا الزام لڳايا ويا آهن. ذريعن مطابق ان ڪمپني کي آفريڪا جي هڪ ملڪ ۾ ڪم دوران بدعنواني سبب ستن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.

اهڙي فيصلي مطابق ڪمپني نومبر 2013ع تائين عالمي بينڪ جي امداد تي هلندڙ ڪنهن به پروجيڪٽ تي ڪم نه ٿي ڪري سگهي. پاڪستاني سرڪاري ذريعن مطابق ان کان سواءِ ڪوبه رستو نه آهي ته ان ڪمپني کي فارغ ڪيو وڃي.

ذريعا