ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت تعمير جو ڪم نه روڪيو ته سيز فائر ختم ڪري ڇڏينداسين، پاڪستان

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

پاڪستان ڀارت تي واضع ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت ورڪنگ بائونڊري تي تعمير جو ڪم بند نه ڪيو ته سيز فائر ختم ڪري ڇڏينداسين.

پاڪستان رينجرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڀارتي بارڊر تي ڀارت ۾ ٿيل ڳالهين بعد واپسي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته ڀارت تي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير متنازعه علائقو آهي تنهنڪري ان مسئلي جي حل تائين ورڪنگ بائونڊري جي تعمير کي روڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن تعمير جاري رکي وئي ته سيز فائر ختم ڪري ڇڏينداسين. هن ٻڌايو ته ڀارت ان سلسلي ۾ تعاون جو يقين ڏياريو آهي.

ذريعا