وفاقي حڪومت سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ کي پابندي کان آجو ڪري ڇڏيو، نشريات بحال ٿي وئي

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ جنهن کي پيمرا بنا ڪنهن جواز ڄاڻائي ڪجهه هفتا اڳ بند ڪري ڇڏيو هو ان جي نشريات بحال ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت ٽي وي چينل کي پابندي کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر اها ڳالهه اڃا تائين راز بڻيل آهي ته ان کي نيٺ ڪهڙي ڏوهه تحت بند ڪيو ويو هو.

سنڌي چينل جي بحاليءَ ۾ خاص ڪردار سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جو ڄاڻايو پيو وڃي جنهن چويهه ڪلاڪن جي اندر نشريات جي بحاليءَ جو وعدو ڪيو هو.

ڪالهه شام کان سنڌ ٽي وي جي نشريات بحال ٿي وئي آهي، ان کان اڳ پڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽي وي جي نشريات وقفي وقفي سان ڪيبلن تان ڏيکاري پئي ويئي.

اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ٽي وي جي مقابلي واري هڪ چينل پنهنجي خبرن يا سلائيڊز ۾ ڪڏهن به اها خبر نه هلائي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽي وي چينل کي بنا جواز ڄاڻائي بند ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن پنهنجي اخبار ۾ اهڙي خبر هلائي. باشعور حلقن ان اخبار جي پيشه ور ڪردار تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.

ياد رهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات جي بحاليءَ لاءِ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ۽ بک هڙتالن جو هڪ طوفان متل هو. باشعور حلقن ۾ سنڌ جي گورنر جي پوري ڪيل وعدي کي واکاڻيو پيو وڃي جنهن پنهنجو وعدو وقت کان اڳ پورو ڪري ڏيکاريو.

ذريعا

  • سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“
  • پريس ڪلب حلقا ۽ مختلف عوامي حلقا