ويڙهاڪ پاڪستاني سرزمين استعمال ڪندي افغانستان ۾ دهشتگرد ڪاروائيون ڪن ٿا، افغان صدر

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته مذهبي ويڙهاڪ پاڪستان جي سرزمين استعمال ڪندي افغانستان ۾ دهشتگرد ڪاروائيون ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه من موهن سنگهه سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي.

افغان صدر وڌيڪ چيو ته اسان ائين نٿا چئون ته ڪو ان ۾ پاڪستان جي حڪومت ملوث آهي، پر افغان بارڊر ڀرسان ٿيندڙ ڪاروائيون پاڪستان مان ايندڙ ويڙهاڪ ڪري رهيا آهن.

هن پاڪستان تي الزام مڙهيندي چيو ته اسلام آباد دهشتگرد ڪاروائين کي روڪڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه پيو وٺي جنهنڪري طالبان سندن علائقن مان اچي افغانستان ۾ ڪاروائيون ڪن ٿا.

افغان حلقن ۾ اهو به سمجهيو پيو وڃي ته پاڪستان اڃا تائين طالبان جي اندروني طور مدد ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف ڀارتي حلقن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشميري علحيدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي. پاڪستان انهن ٻنهي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعا