يارنهن آمريڪي فوجين تي ريپ ۽ قتل جا مقدما قائم ٿيندا، آمرڪي فوج جو اعلان
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
آمرڪي فوج اعلان ڪيو آهي ته يارنهن آمريڪي فوجن تي ريپ ۽ قتل جا مقدما قائم ڪيا ويندا. هڪ نابالغ عراقي ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ۽ پوءِ انهن جي گهروارن جي قتل جو مقدمو پڻ شامل آهي.
عراقي شهرين جي قتل ۽ جنسي ڏاڍائي جي الزامن ثابت ٿيڻ تي الزام هيٺ آيل فوجين کي ڦاسي جي سزا پڻ اچي سگهي ٿي.
چيو ويو آهي ته آمريڪي فوجين خلاف اهڙي ڪاروائي سان عراقي عوام جي ڪاوڙ آمريڪي فوجين لاءِ وڌندي. جڏهن ته جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل فوجي اهڙي الزام کان انڪار ڪيو آهي.