ٻن ناڪام اڳوڻن وزيراعظمن جي ملاقات هئي، دُراني

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي وفاقي وزير اطلاعات محمد علي دراني چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي لنڊن ۾ ٿيل تازي ملاقات ٻن ناڪام وزيراعظمن جي ملاقات هئي.

هن جو چوڻ هو ته انهيءَ ملاقات ۾ ڪابه نئين ڳالهه شامل نه هئي، هنن وٽ هاڻ ڪابه سياسي ايجنڊا نه آهي. سياسي حوالي سان پڻ انهن ڪابه وزندار ڳالهه نه ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڄڻ بي نظير جو سيڪريٽري لڳو پيو آهي، هن پنهنجي سياسي ڪمائي به بي نظير وٽ گروي رکي ڇڏي آهي.

ذريعا