ٻن ٻيٽن کي ماڊل سٽي بنائڻ وارو منصوبو، اختلاف برقرار

وڪي اخبار کان

سنڌ جي سمنڊ تي موجود ٻن ٻيٽن تي ماڊل سٽي جي نالي سان منصوبو جوڙڻ واري اعلان تي سنڌ جي سياسي توڙي سماجي حلقن ان جي مخالفت ڪئي آهي. انهن ٻيٽن تي رهندڙ ماهيگيرن سخت مزاحمت جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

بنڊاڙ ٻيٽ تي رهندڙ هڪ اسي ساله عورت چيو ته مان هتان ڪڏهن به نه ويندس، منهنجو لاش ئي هتان ويندو. شهر کان چار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود انهن ٻيٽن کي دبئي جي هڪ ڪمپني جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سخت اختلافن هوندي به ان منصوبي جي تياري ڪئي پئي وڃي، ان منصوبي کي ڊائمنڊ آئلينڊ سٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. بنڊاڙ ٻيٽ جي ايراضي چار هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير چيو هو ته ان منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو ۽ صلاح مشوري کان سواءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف سنڌ قومي اتحاد ۽ فشر فوڪ فورم پڻ ان منصوبي جي مخالفت ڪري چڪا آهن. مخالفت ڪندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته اهي ٻيٽ تاريخي حيثيت سان گڏ اُتي رهندڙ ماڻهن جي جيئدان جو ذريعو پڻ آهن. ان منصوبي جي هر سطح تي مخالفت ڪئي ويندي.

ذريعا