ٻيٽن جي وڪري خلاف سنڌ نيشنل پارٽي پاران سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون

وڪي اخبار کان
فائل:Snprally.jpg
احتجاجي مظاهرن جو ڏيک (فوٽو: هلچل)

1 ڊسمبر 2006

ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ڪيون ويون، ڌرڻن سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي.

ذريعن موجب حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، ڪوٽڙي، سيوهڻ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ميهڙ، نوابشاه، خيرپور، ڪوٽڙي ڪبير، ماتلي، لاڙڪاڻي، موري، قمبر، ٽنڊوڄام، ڪراچي، ڀان سعيد آباد، هالا سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪارڪنن احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا.

مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌين جي مليڪيت آهن انهن کي وفاقي سرڪار پاران وڪرو ڪرڻ وارو قدم غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته يڪدم اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي.

ٻئي طرف سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراه امير ڀنڀري چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران متنازعه منصوبن لاءِ پيسا رکڻ صوبائي اسيمبلين جي فيصلن جي توهين آهي.

ذريعا