ٻيٽن جي وڪري سان سنڌ کي ڪوبه نقصان نه آهي حڪومت صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ سيڙپ جو ماحول ٺاهيو، گورنر عشرت العباد

وڪي اخبار کان

13 نومبر 2006

سنڌ جي گورنر عشرت العباد خان چيو آهي ته ٻيٽن جي وڪري سان سنڌ کي ڪوبه نقصان نه آهي اهي ٻيٽ تباه ٿي رهيا هئا جنهنڪري حڪومت سيڙپ جو ماحول ٺاهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر خوشحالي وڌندي. هن اهي ڳالهيون هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيون.

گورنر وڌيڪ چيو ته هي رٿا اربين ڊالرن جي آهي ان ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا ذريعا پڻ وڌندا. ٻيٽن تي ٿيندڙ ترقي جو فائدو سمورن سنڌ واسين کي ٿيندو ۽ سنڌ خوشحال ٿيندي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيٽن جي باري ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن وچ ۾ مالڪي جو مسئلو گڏجي حل ڪيو ويندو.

ذريعا