ٽيڪسيءَ ۾ شراب نه کڻنداسين، مسلمان ڊرائيورن پاران نئين تنازعي جو واڌارو

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

نقاب ۽ پردي جي معاملن تي هلندڙ تنازعن کان پوءِ مناپولس، منيسوٽا جي مسلمان ٽيڪسي ڊرائيورن گذريل ڪجهه مهينن کان اهو رويو اختيار ڪري ڇڏيو آهي ته هو اهڙن ماڻهن کي هرگز ٽيڪسي ۾ نه کڻندا جنهن وٽ شراب هوندو.

شهر جي انتظاميه ڊرائيورن جي ان راءِ سان سهمت نه آهي، انتظاميه مطابق هو پنهنجي ڪاروبار کي مذهب سان سلهاڙي غلط ڪري رهيا آهن.

خبر مطابق اهڙن ڊرائيورن ۾ اڪثريت صوماليه جي مسلمانن جي آهي تنهنڪري ان کي مسلمانن نه بلڪه صوماليه جي ماڻهن جو مسئلو سمجهڻ گهرجي.

چيو ويو آهي ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ پڻ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن ته مسلمان ڊرائيور اهڙن مسافرن کي کڻڻ کان لاچاري ظاهر ڪن ٿا جن سان ڪُتا ساڻ هوندا آهن.

ذريعا