پارليامينٽ اڳيان ٿيندڙ مظاهرن تي بندش وڌي وڃي، پاڪستاني ايجنسين جي حڪومت کي صلاح

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني ايجنسين حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته پارليامينٽ اڳيان ٿيندڙ مظاهرن تي بندش وڌي وڃي ڇاڪاڻ ته ان مان شرپسند ۽ دهشتگرد فائدو وٺن ٿا.

ايجنسين جو اهو چوڻ آهي ته روزانه ٿيندڙ مظاهرن سبب ملڪ جو اميج سموري دنيا اڳيان خراب ٿي رهيو آهي.

ايجنسين حڪومت کي اها صلاح پڻ ڏني ته احتجاجي مظاهرن لاءِ اسلام آباد ۾ خاص جاءِ مقرر ڪئي وڃي. ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي هنڌ مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن.

ذريعا