پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ مسلمان جهادين ۽ انتهاپسندن کي هٿي ڏئي رهي آهي، آسام پوليس

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

ڀارتي آسام جي پوليس ذريعن دعوا ڪئي آهي ته بنگلاديش وٽان مسلمان انتهاپسند اتر اڀرندي طرف منتقل ٿي رهيا آهن جنهن ۾ اهم ڪردار جماعت المجاهدين ادا ڪري رهي آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ اهڙن جهادين ۽ انتهاپسندن کي هٿي ڏئي رهي آهي. جنهنڪري آسام جي مختلف علائقن ۾ انهن جون سرگرميون وڌي رهيون آهن. چيو ويو آهي ته 2001 کان هيل تائين 198 جهادين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 58 ڄڻن گرفتاري پڻ پيش ڪئي.

ذريعا