پاڪستاني بارڊر ڀرسان افغانستان ۾ نيٽو جي بمباري، 12 کن ماڻهو مارجڻ جو شڪ
ڏيک
4 نومبر 2006
پاڪستاني بارڊر ڀرسان افغانستان جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ نيٽو فوجين ويڙهاڪن کي مارڻ لاءِ هوائي جهازن ذريعي حملا ڪيا آهن. افغاني اختيارين جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ 12 ماڻهو مارجي ويا آهن.
نيٽو ذريعن مطابق مذڪوره علائقن ۾ ان وقت ڪاروائي ڪئي وئي جڏهن 10 طالبان ويڙهاڪن کي ڏٺو ويو. نيٽو ذريعن مطابق کين اها ڄاڻ نه آهي ته ڪيترا ماڻهو ان حملي ۾ مارجي ويا آهن.