پاڪستاني حڪومت بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

پاڪستاني حڪومت بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير کي پنهنجي ذاتي رهائشگاه ۾ نظربند ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس ذريعن مطابق کيس حب شهر ويجهو ساڪران جي رهائشگاه ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. سموري صوبي ۾ پارٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تائين ستر کن ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي 30 نومبر کان گوادر کان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. جيڪو لانگ مارچ 11 ڊسمبر تي ڪوئٽا پهچندو جتي مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.

اختر مينگل چيو آهي ته سندن ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته گرفتارين باوجود لانگ مارچ رٿيل ڏينهن تي ضرور ٿيندو.

ٻئي طرف بي اين پي جي سيڪريٽري جنرل حبيب جالب چيو آهي ته رٿيل لشڪر مارچ فوجي ڇانوڻين، ميگا پروجيڪٽس، عدالت کان مٿڀرن قتلن ۽ نواب اڪبر بگٽي کي مارڻ وارڻ واري واقعي خلاف ڪيو پيو وڃي. اهو مارچ بلوچستان جي عوام طرفان حڪومت جي پاليسين خلاف ريفرينڊم ثابت ٿيندو.

ذريعا