پاڪستاني حڪومت قومپرستن کي مارڻ چاهي ٿي، جيئي سنڌ قومي محاذ

وڪي اخبار کان

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت قومپرستن کي مارڻ چاهي ٿي. هنن جي رٿا آهي ته جيئن نواب اڪبر بگٽي کي ماريو ويو اهڙي طرح سڀني قومپرستن کي منهن ڏنو وڃي.

بشير قريشي وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ان جا حامي ڪالاباغ ڊيم جوڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا آهن. هن ان رٿا جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي جدوجهد جاري رهندي.

ذريعا