پاڪستاني حڪومت ۽ قبائلين ۾ ٿيل معاهدي کان پوءِ افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون، جنرل جيمز

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

جنرل جيمز جونز صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جڏهن کان پاڪستان ۽ طالبان حامي قبائلين وچ ۾ امن معاهدو ٿيو آهي ته افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن.

جنرل وڌيڪ چيو ته اسان حالتن کي وڏي گهرائيءَ سان ڏسي رهيا آهيون. طالبان کي افغانستان ۾ منهن ڏيڻ واسطي نيٽو پاڪستان سان پنهنجن تعلقاتن کي نيئن سر تشڪيل ڏئي رهيو آهي.

جنرل صحافين کي وڌيڪ ٻڌايو ته حالتون پاڻ اشارو ڪري رهيون آهن ته مذڪوره معاهدي کان پوءِ پاڪستان سان ملندڙ سموري سرحدي علائقي ۾ طالبان جون ڪاروائيون وڌي ويون آهن.

ذريعا