پاڪستاني خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ مدد جي آڇ ڪئي هئي، نيپالي مائو نواز باغي اڳواڻ

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

نيپالي مائو نواز باغي اڳواڻ پراچندا چيو آهي ته پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ خفيه طور مدد جي آڇ ڪئي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اهڙي مدد اسان جي ڪنهن به ڪم جي نه هئي. هن اهڙي دعوا نيودهلي کان واپسي بعد کٽمنڊو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي.

هن آءِ ايس آءِ جي طرفان آڇيل مدد جي وڌيڪ وضاحت نه ڪئي آهي. هن جي اهڙي بيان انڊيا جي لڳايل الزامن کي هٿي ڏني آهي ته پاڪستان نيپال ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ خفيه طور سرگرم آهي.

پاڪستان جي سرڪاري ذريعن نيپالي مائو نواز اڳواڻ جي اهڙي بيان کي بي بنياد ڪوٺيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعا