پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ آمرڪي جاسوسن تي حمله ڪيا ويندا، احتجاج ۾ اعلان

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني فوج طرفان باجوڙ ايجنسي جي هڪ مدرسي تي ٿيل حملي جي خلاف مذهبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

هزارين قبائلين احتجاج دوران ڌمڪي ڏيندي چيو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندڙن تي خودڪش بم حملا ڪيا ويندا. خار واري علائقي ۾ هزارين ماڻهن جي احتجاجي ريلي پڻ نڪتي.

هڪ طالبان حامي اڳواڻ عنايت الرحمان خطاب ڪندي چيو ته هو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز تي حملي لاءِ خودڪش حمله آور تيار ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جلد اهڙن حملن جي شروعات ڪئي ويندي. هن شريڪ هزارين ماڻهن کان ان فيصلي جي منظوري ورتي.

سرحد جا اڪثر ڪاروباري شهر بند رهيا رستن تي ٽريفڪ تمام گهٽ رهي. سرحد اسيمبلي سڀ معاملا پاسي تي رکي باجوڙ واقعي تي بحث ڪيو. چيو ويو ته باجوڙ قبائلين سان ٿيندڙ امن معاهدي کي روڪڻ لاءِ اهڙو حملو ڪرايو ويو.

پاڪستان جي قبائلي علائقي ۾ هڪ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي چيو ويو ته صدر مشرف ۽ ان جي آمريڪي ساٿارين بيگناه ۽ معصوم ماڻهن تي حملو ڪيو آهي.

ذريعن مطابق رٿيل احتجاج کي سرحد ۽ بلوچستان جي قبائلي علائقن ۾ وڏي موٽ ملي آهي. انهن علائقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. اطلاع آهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ذريعا