پاڪستاني سپريم ڪورٽ سرحد اسيمبلي طرفان پاس ڪيل حسبه بل کي لاڳو ٿيڻ کان روڪي ورتو

وڪي اخبار کان

16 ڊسمبر 2006

پاڪستاني سپريم ڪورٽ سرحد اسيمبلي طرفان پاس ڪيل حسبه بل کي صدر مشرف جي درخواست تي روڪي ورتو آهي.

ذريعن مطابق پنج رڪني بينچ رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته چيف سيڪريٽري ذريعي گورنر کي ڄاڻ ڏئي ته ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين بل تي صحيح نه ڪئي وڃي.

عدالت اهي به حڪم جاري ڪيا ته اهڙي ڄاڻ سرحد اسيمبلي جي اسپيڪر کي پڻ ڏني وڃي. عدالت ان بل جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌڻي جنوري جي ٽئين هفتي ۾ ڪندي.

ذريعا