پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ ويڙهاڪن هٿان ٻه فوجي مارجي ويا

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ ويڙهاڪن جي حملي سبب ٻه فوجي مارجي ويا آهن. اهو حملو خميس تي گنجي ٽڪري ۾ ٿيو جيڪو علائقو افغانستان جي بلڪل ويجهو آهي.

انهن علائقن ۾ پاڪستان جا ڏهه هزار فوجي مذهبي ويڙهاڪن خلاف تعنات آهن. ياد رهي ته حڪومت قبائلين سان ڪجهه وقت اڳ هڪ امن معاهدو پڻ ڪيو هو.

ذريعا