پاڪستاني علائقي ۾ مارجي ويل ويڙهاڪن جو تعلق پاڪستان، ترڪي، چيچنيا ۽ يمن سان آهي، افغان فوج

وڪي اخبار کان

افغانستان فوج 24 ويڙهاڪن جا لاش صحافين کي ڏيکاريندي دعوا ڪئي آهي ته انهن ويڙهاڪن جو تعلق پاڪستان، ترڪي، چيچنيا ۽ يمن سان آهي ۽ اهي پاڪستاني علائقي ۾ مارجي ويا آهن.

هڪ افغان فوجي عبدالڪريم مطابق اهي لاش انهن ماڻهن جا آهن جن کي گذريل ڏينهن ويڙهه دوران ماريو ويو. اسان سان ڪجهه آمريڪي فوجي پڻ گڏ هئا. پر هن تعداد ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذريعا