پاڪستاني وفاق بلوچستان جو قرضي آهي خيرات نه گهرجي، رئوف مينگل

وڪي اخبار کان

بي اين پي جي سربراهه رئوف مينگل چيو آهي ته پاڪستاني وفاق بلوچستان جو قرضي آهي، اسان کي خيرات ڏني پئي وڃي جيڪا نه گهرجي پر حق گهرجن.

هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم جو دورو بلوچن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر هو، بلوچستان جو عوام حڪمرانن پاران اعلانيل خيراتن جي ڏٽي ۾ نه ايندو.

رئوف مينگل چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون نواب اڪبر بگٽي جون قاتل آهن، انهن جي ئي منظوري سان نواب جو قتل ڪيو ويو. وفاق پاران اهڙي وقت خيرات جو اعلان بلوچن جي غيرت کي للڪارڻ برابر آهي.

هن چيو ته وفاق بلوچستان جي 112 ارب ڊالرن جو قرضي آهي جيڪا رقم رائلٽي جي حوالي سان وفاق تي بلوچستان جو قرض آهي، رقم جلد از جلد بلوچستان جي حوالي ڪئي وڃي.

ذريعا