پاڪستاني پرڏيهي وزير جو افغانستان دورو، سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفه دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون
ڏيک
7 ڊسمبر 2006
پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري افغانستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي وڃي رهيو آهي جتي هو افغانستان جي سرڪاري عملدارن سان سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفه دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪندو.
ذريعن مطابق پهريان اهو دورو ٽن ڏينهن جو رٿيل هو هاڻ ان کي تبديل ڪري ٻن ڏينهن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ڳالهين جو اهم موضوع افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ موجود بارڊر واري علائقي ۾ امن جي بحالي هوندو. قصوري جي افغانستان جي پرڏيهي وزير سان پڻ ملاقات رٿيل آهي.