پاڪستاني پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان خوفناڪ بس حادثو، چوڏنهن مسافر فوت

وڪي اخبار کان

31 ڊسمبر 2006

پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان هڪ خوفناڪ بس حادثي ۾ چوڏنهن مسافرن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته اَٺ ماڻهو شديد زخمي ٿيا آهن.

ذريعن مطابق مسافرن سان ڀريل بدنصيب بس آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو.

بس ۾ پنجيتاليهه ماڻهو سوار هئا جيڪي لاهور مان ڀوري والا وڃي رهيا هئا. ٽڪر جي نتيجي ۾ چار ٻارن سميت چوڏنهن مسافر فوت ٿي ويا.

زخمين کي ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق آئل ٽينڪر کي باه نه لڳي آهي ۽ ان مان سمورو تيل ڪڍيو ويو آهي.

ذريعا