پاڪستاني ڊرائيور سميت هڪ ڀارتي فوجي گرفتار، پاڪستان لاءِ جاسوسي جو الزام

وڪي اخبار کان

21 آڪٽوبر 2006

ڀارتي پوليس فوج سان تعلق رکندڙ انيل ڪمار ڊبي نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ چيو ويو ته هن فوج جي باري ۾ دستاويز ڀارت ۾ موجود پاڪستاني آفيسر لاءِ ڏنا.

جنهن پاڪستاني ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان جو نالو محمد فاروق ٻڌايو ويو، جنهن تي اهو الزام مڙهيو ويو آهي ته هو آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ آهي.

ذريعن مطابق محمد فاروق قبول ڪيو آهي ته هن انيل ڪمار کان سي ڊيز ورتيون جن ۾ ڀارتي فوج جي باري ۾ حساس معلومات هئي.

پوليس ذريعن موجب محمد فاروق جي پوري جاچ کان پوءِ کيس پاڪستاني سفارتخاني حوالي ڪيو ويندو. پاڪستان ان ڊرائيور جي گرفتاري تي سخت احتجاج ڪيو آهي.

ذريعا