پاڪستاني ڪرڪٽرز ۾ چرس ۽ شراب جو استعمال عام، ڊاڪٽر جي دعوا

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

اسپورٽس ميڊيسن سان لاڳاپيل ڊاڪٽر ميثاق رضوي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪرڪٽرز ۾ چرس ۽ شراب جو استعمال عام آهي.

ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته چرس ۽ شراب جي ڪرڪيٽ اصولن ۾ ڪابه پابندي نه آهي. اهي نشا ڪاڪردگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت نٿا ٿين پر انهن جي استعمال سان ٿَڪ جو احساس نٿو رهي.

ذريعا