پاڪستاني ڪشمير ۾ زلزلي جا جهٽڪا، ماڻهن ۾ شديد خوف

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

پاڪستاني ڪشمير ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهنڪري ماڻهن ۾ خوف جي لهر ڇائنجي ويئي.

زلزلي جا جهٽڪا ڪشمير جي ڏاکڻي ضلعي باغ ۽ روالاڪوٽ ۾ محسوس ڪيا ويا. اهو زلزلو هڪ لڳي ڏه منٽ ڌاري آيو جيڪو ڪجهه سيڪنڊ جاري رهيو. رهواسين مطابق جهٽڪا ڪافي شديد هئا جنهنڪري ماڻهن ۾ خوف ڇائنجي ويو.

چيو ويو آهي ته جهٽڪن سبب ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ڪجهه پراڻين ۽ زبون حال عمارتن جون ڀتيون پڻ ڪري پيون.

ذريعا