پاڪستاني ڪشمير ۾ پنج ڇوڪريون بم سان کيڏندي بم ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويون
ڏيک
10 نومبر 2006
پاڪستاني ڪشمير ۾ پنج ڇوڪريون اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪ اصل بم سان راند کيڏندي بم ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويون آهن. انهن مان ٽي ڇوڪريون پاڻ ۾ ڀينرون هيون.
ذريعن مطابق واقعو بارڊر ڀرسان ڪشمير جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو جتي وڏي تعداد ۾ پاڪستاني فوجون موجود آهن.
سينئر پوليس آفيسر ظهور گيلاني مطابق ڇوڪريون غلطي ۾ اصل بم سان راند ڪري رهيون هيون ته اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهنڪري اهو واقعو پيش آيو.