پاڪستاني ڪوسٽ گارڊز هٿان 22 ڀارتي مهاڻا سامونڊي سرحد جي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار

وڪي اخبار کان
فائل:Fishermensindh.JPG
گرفتار مهاڻا

19 نومبر 2006

پاڪستاني ڪوسٽ گارڊز 22 ڀارتي مهاڻن کي سرحدي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار ڪري ورتو آهي. انهن جو ٽي ٻيڙيون پڻ قبضي ۾ ڪيون ويون آهن.

سرڪاري ذريعن مطابق ڪوسٽ گارڊز جڏهن روٽين ڦيري تي هئا ته انهن ٽن انڊين ٻيڙين کي پاڪستاني جي سامونڊي حدن ۾ ڏسي خبردار ڪرڻ جي باوجود انهن جي موجودگي سبب کين گرفتار ڪيو ويو.

گرفتار مهاڻن کي ڪراچي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت اڪثر ڪري هڪٻئي جا مهاڻا ان الزام توڙي جاسوسي جي الزام تحت گرفتار ڪندا رهندا آهن.

ذريعا