پاڪستان آمريڪا جي اشارن تي نچي رهيو آهي، ڪشميري اڳواڻ علي شاه گيلاني

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

ڪشميري تنظيم حريت ڪانفرنس جي هڪ ڌڙي جي اڳواڻ سيد علي شاه گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي اشارن تي نچي رهيو آهي. اها ڳالهه هن هڪ سيمينار ۾ خطاب دوران چئي.

گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان باجوڙ مدرسي تي حملو ڪري 80 ماڻهن کي ماريو هو ۽ دعوا ڪئي هئي ته اهي دهشتگرد هئا جڏهن ته ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي بيگناهه هئا. گيلاني چيو ته پاڪستان صرف آمريڪا کي خوش ڪري رهيو آهي.

حريت اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان انهن سان گڏ نه آهيون جيڪي پنهنجا وعدا وساري ويٺا آهن. اسان جي جدوجهد صحيح رخ ۾ جاري رهندي.

ذريعا