پاڪستان ائين نه چيو آهي ته طالبان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي، تسنيم اسلم
ڏيک
30 نومبر 2006
پاڪستان، افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ان بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان نيٽو پرڏيهي وزيرن کي ائين چيو هو ته طالبان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي.
پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم ان بيان کي رد ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙي ڪابه تجويز نه ڏني آهي. هن ان ڳالهه کي به رد ڪيو ته پاڪستان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪري رهيو آهي.