پاڪستان برطانوي شهري مرزا طاهر حسين کي آزاد ڪري ڇڏيو، مٿس هڪ ڊرائيور کي قتل ڪرڻ جو الزام هو

وڪي اخبار کان

17 نومبر 2006

برطانوي شهري مرزا طاهر حسين کي راولپنڊي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. مرزا طاهر تي هڪ ڊرائيور کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳل هو. هن وقت تائين هو جيل ۾ 18 سال گذاري چڪو آهي.

سرڪاري ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته ان کي برطانوي ڪميشن حوالي ڪيو ويو آهي يا نه.

ذريعن مطابق مرزا طاهر کي آزاد ڪرڻ بعد هڪ خاص جهاز ذريعي اسلام آباد مان برطانيه لاءِ روانو ڪيو ويو. ان ڳالهه جي سرڪاري ذريعن تصديق نه ڪئي آهي.

وفاقي وزير آفتاب شيرپاو چيو ته هن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر پاڪستان مان روانو ٿيو آهي يا نه ان بابت وٽس ڪابه ڄاڻ نه آهي.

ذريعا