پاڪستان بعد ڀارت به پرٿوي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل

وڪي اخبار کان
ميزائل جو فائل فوٽو

19 نومبر 2006

پاڪستان پاران حتف 5 ميزائل تجربو ڪرڻ بعد ڀارت به پرٿوي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ميزائل جو تجربو اڙيسا جي شهر چنديپور ڀرسان ڪيو ويو.

ذريعن مطابق ميزائل وار هيڊ کڻي سگهڻ جي قابل آهي ۽ ان جي مار وچٿري ٻڌائي وئي آهي. تجربو ڪرڻ کان اڳ ويجهن ڳوٺن کي خالي ڪرايو ويو هو. ميزائل کي سمنڊ طرف فائر ڪيو ويو.

ياد رهي ته ٻئي ملڪ هڪٻئي خلاف هڪ کان وڌيڪ جنگون وڙهي چڪا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جو پاڻ ۾ ڪشمير تي تڪرار هلندڙ آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تازو امن ڳالهيون جو دور ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. جنهن جي باري ۾ مبصرن جو خيال هو ته ان مان ڪنهن به بريڪ ٿرو جي اميد نه آهي. پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد قصوري انڊيا وڃڻ لاءِ سنبريل آهي. ان باري ۾ ڪشميري اڳواڻن جو هميشه کان چوڻ رهيو آهي ته جيستائين جامع ڳالهين ۾ ڪشميرين کي شامل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڪنهن به نتيجي جي اميد ڪرڻ فضول آهي.

ذريعا

  • اردو ٽي وي چينل ”اي آر واءِ“
  • سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“