پاڪستان بمبئي ريل ڌماڪن ۾ ملوث هو، ثبوت فراهم ڪنداسين، من موهن سنگهه

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

ڀارت جي وزيراعظم من موهن سنگهه چيو آهي ته پاڪستان ريلوي بم ڌماڪن ۾ ملوث هو ان جا ثبوت فراهم ڪنداسين.

ڀارتي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجن وعدن تي عمل ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف پاڪستان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ثبوت مليا ته ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

ساڳي حوالي سان ڀارتي مشير ايم ڪي نارائڻ چيو آهي ته ڀارت وٽ ريل ڌماڪن ۾ آءِ ايس آءِ جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن، پاڪستان وٽان حقيقي تعاون مليو ته ثبوت فراهم ڪيا ويندا.

ذريعا