پاڪستان تي سندن علائقن کان ٿيندڙ طالبان سرگرميون روڪڻ لاءِ دٻاءَ وڌايو ويندو، نيدرلينڊ
ڏيک
4 نومبر 2006
نيدر لينڊ جي پرڏيهي وزير برنارڊ باٽ ڪابل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان تي سندن علائقن وٽان ٿيندڙ طالبان ڪاروائين کي روڪڻ واسطي دٻاءَ وڌايو ويندو.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان کي چيو ويندو ته هو دهشتگردن کي ٻنجو ڏيڻ واسطي وڌيڪ قدم کڻي. هن اهو به چيو ته اتحادين تي پڻ زور ڀريو ويندو ته ڏکڻ جي علائقن لاءِ وڌيڪ نيٽو فوجي موڪليا وڃن.