پاڪستان جا 6.5 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر، پٺتي پيل شرح خواندگي جي حساب سان پاڪستان جو ٻيو نمبر

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

يونيسڪو پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان جا 6.5 ملين ٻار اسڪولن کان محروم آهن. پٺتي پيل شرح خواندگيءَ جي حساب سان پاڪستان ٻئين نمبر تي پهچي ويو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان کان پوءَ ڀارت جو نمبر اچي ٿو جتي 4.5 ملين ٻار اسڪولن کان محروم آهن. پاڪستان پنهنجي بجيٽ مان 2 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جا 80 سيڪڙو ٻار ڪڏهن به اسڪولن ۾ رجسٽر نه ٿيا آهن.

وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جا 65.6 سيڪڙو ماڻهو غربت ۾ گذارين ٿا جن جي ڪمائي ڏهاڙي 2 ڊالر کان به گهٽ آهي.

ذريعا