پاڪستان جو اڳوڻو صدر غلام اسحاق خان 91 سالن جي ڄمار ۾ فوت

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جو اڳوڻو صدر غلام اسحاق خان پنهنجي اباڻي شهر ۾ بيماري وگهي فوت ٿي ويو آهي موت وقت سندس عمر 91 سال هئي.

ياد رهي ته هو جنرل ضياءُالحق جي جهاز حادثي ۾ مري وڃڻ کان پوءِ صدارت جي ڪرسيءُ تي ويٺو. چيو ويو آهي ته هو گذريل ٽن مهينن کان بيمار هو.

ذريعا